
ڪينز ميلي ۾ يوڪريني عورت روس جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ هن نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو آهي تھ، يوڪرين ۾ اسان عورتن جو ريپ بند ڪيو وڃي. ميڊيا مطابق فرانس جي شهر ڪينز ۾ هلندڙ فلمي ميلي جي چوٿين ڏينهن تي يوڪريني عورت اوچتو ريڊ ڪارپيٽ تي مختصر لباس پائي پهتي ۽ هن شديد احتجاج ڪيو. جڏهن تھ عورت ايونٽ ۾ جسم تي يوڪرين جا جهنڊا ٺهرائي ۽ روسي فوجي عورتن جو ريپ بند ڪن جو مطالبو لکي کڻي آئي، جنهن دوران ڪينز فلمي ميلي جو ريڊ ڪارپيٽ يوڪريني عورت جي نعرن سان گونجي ويو، جنهن جي وڊيو بھ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. هوڏانهن ايونٽ جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن يوڪرين عورت کي ڪپڙي سان ڍڪي تحويل ۾ وٺي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي.