شوبز

سحر خان شوٽنگ دوران گرم چانهه ۾ پاڻ ساڙي ويٺي

پاڪستان جي مقبول ڊرامي رنگ محل ۾ مهه پارا جو ڪردار ڪري شهرت ماڻيندڙ اداڪارا سحر خان انڪشاف ڪيو آهي تھ ڊرامي جي شوٽنگ دوران هر ڪردار جذباتي رهيو آهي، جنهن جو مثال اهو آهي تھ پهريان شوٽنگ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ مان پاڻ تي گرم چانهه هاري وڌي ۽ سڄي ڄنگهه سڙي پئي. برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڊرامي ۾ مهه پارا جو ڪردار انتهائي حساس آهي، جنهن کي پڙهندي مان روئي ڏنو هو. هن ٻڌايو تھ ڊرامي جي ڪهاڻي پيغام آهي تھ گهر ۾ غلط فهميون پنهنجا ئي پيدا ڪن ٿا، جن کي سنڀالڻ ڏکيو هوندو آهي. راعد جو ڪردار ڪندڙ علي انصاري ٻڌايو تھ راعد جي ڪردار تي ڏسندڙن جي ڪاوڙ هئي، جن جا مون کي تنبيهه وارا پيغام مليا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڊرامو رنگ محل ٻئي درجي واري ڪاسٽ هجڻ باوجود ٽاپ چارٽس تي اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button