شوبز

ماهيما چوڌري ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي

بالي ووڊ جي فلم پرديس جي هيروئن ماهيما چوڌري ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ماهيما چوڌري جي بيماري بابت سينيئر اداڪار انوپم کير سندس ئي وڊيو شيئر ڪئي آهي. جڏهن تھ ماهيما چوڌري وڊيو ۾ پاڻ کي ڇاتي جي ڪينسر ٿيڻ جي آگاهي ڏيندي ٻڌي وئي آهي. انوپم کير ٻڌايو تھ ماهيما کي فلم ۾ شوٽنگ خاطر آمريڪا مان سڏايو، فلم بابت ڳالهائيندي سندس بيماري جي خبر پئي تھ ڳاليهن جو موضوع بدلجي ويو. هن چيو تھ ڪينسر جي مرض خلاف جهيڙيندڙ عورتن لا ماهيما رول ماڊل آهي. ماهيما چوڌري وڊيو ۾ چوندي نظر آئي تھ مون کي بيماري جي خبر پئي تھ ڊڄي ويس، پر ڪينسر ۾ مبتلا هڪ ٻار جي حوصلي کي ڏسي مون ۾ همٿ آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button