
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي سان گڏ برطانوي فلم لکاري ۽ پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ پنهنجون تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي سندس ايندڙ فلم جي شوٽنگ دوران ورتيون ويون آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ فلم جي شوٽنگ ۾ شرڪت سان ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي تھُ سجل علي جمائما گولڊ سمٿ جي فلم ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن تھ شبانا اعظمي بھ فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل آهي.