
چين ۽ سعودي عرب سميت 14 ملڪن اينيمٽيڊ فلم لائيٽ ايئر کي سندن ملڪن ۾ رليز ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڊزني پڪسر جي ڪامياب فلم سيريز جي نئين سيڪوئل جي جلد رليز ٿيڻ واري فلم ۾ غيرفطري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ وارا منظر شامل هجڻ ڪري ڪيترن ئي ملڪن پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جڏهن تھ تازو چين، سعودي عرب، يو اي اي، مصر، انڊونيشيا ۽ لبنان سميت 14 ملڪن فلم مٿان پابندي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ چين، يو اي اي سميت سمورن ملڪن فلم جي ميڪرز کان غيرفطري لاڳاپن وارا منظر ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي.