شوبز

هالي ووڊ جي ايشلي رڙيون ڪرڻ جو معاوضو وٺي ٿي…!

هالي ووڊ جي مشهور صداڪار ايشلي پليڊن ٻين فنڪارن جي ڀيٽ پنهنجي رڙيون ڪرڻ واري صلاحيت جو ڀرپور اظهار ڪري ان جو معاوضو وٺي ٿي. پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ آمريڪا جي عورت صداڪار ايشلي پليڊن کي فلمي دنيا ۾ رڙندڙ فنڪارا طور شهرت بھ ملي آهي. ايشلي پليڊن جون رڙيون خوفناڪ ۽ سسپنس وارين فلمن ۾ استعمال ٿين ٿيون، جنهن مان ملندڙ معاوضو سندس روزگار جو سبب بڻيل آهي،

ايشلي پيلڊن جو صداڪاري دوران ورتل پوز

هن 20 سالن جي ڄمار ۾ 40 کن فلمن ۾ رڙين جو استعمال ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فلمن جي منظر تحت ايشلي روئڻ، رڙڻ ۽ سڏ ڪرڻ جو آواز بدلائڻ جي ماهر آهي. ايشلي پليڊن جو چوڻ آهي تھ آوازن جي اسٽنٽ ڪندڙ صدڪار آهيان، ننڍپڻ کان رڙين جي عادت هئي، هاڻ اهو ئي منهنجو روزگار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button