سنڌ

هالا جي رهواسڻ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي اپيل

ڪنڊيارو جي رھواسي طاھر چانڊيو ۽ ھالا جي رھواسڻ تبسم ڏاھري پسند جي شادي ڪرڻ بعد موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي تبسم ڏاھري ۽ طاھر چانڊيو ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد ناري جا مائٽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري ھو پنھنجون جانيون بچائڻ لاءِ پريشان ۽ دربدر آھن ۽ روپوشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن. ھنن چيو ته اسان تي گھر مان سامان چوري ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته اسان کي مرضي جي زندگي گھارڻ جي اجازت ڏئي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button