شوبز

بالي ووڊ جي وڏين اداڪارائن ذاتي ڪاروبار کولي ڇڏيا

بالي ووڊ جي مشهور ۽ نمبر ون جي صف ۾ ڳڻيون ويندڙ اداڪارائن پنهنجا ذاتي ڪاروبار کولي ورتا آهن. ميڊيا مطابق ديسي گرل طور شهرت ماڻيندڙ پريانڪا چوپڙا هيئر ڪيئر جو پراڊڪٽس پيش ڪري رهي آهي. ڪترينا ڪيف ميڪ اپ برانڊ ڪي بيوٽي جي نالي سان هلائي رهي آهي. اهڙي ريت سوناڪشي سنها هٿرادو ننهن جو ڪاروبار سوئزي جي نالي سان ڪري پئي. سني ليون وري اسٽار اسٽرڪ جي نالي سان ڪاسميٽڪ ڪمپني جي مالڪ آهي. جڏهن تھ لارا دتا جو آرياس جي نالي سان بيوٽي پراڊڪٽس جو ڪاروبار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button