
بالي ووڊ جي کلنائيڪ اداڪار سنجي دت مداحن کي آگاهي ڏني آهي تھ هو نئين ايندڙ فلم شمشيرا ۾ دروڪا شڌ سنگهه جي نالي سان ڪردار ڪري رهيو آهي. ميڊيا مطابق سنجي دت پنهنجي نئين ايندڙ فلم شمشيرا ۾ پنهنجي ڪردار وارو پوسٽر پڻ رليز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنجي دت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پراڻي انداز ۾ نظر اچي رهيو آهي. جڏهن تھ سنجي دت موجب فلم جو ٽريلر اڄ رليز ڪيو ويندو.