شوبز

بالي ووڊ ۾ نسل پرستي وڏو مسئلو آهي: نواز الدين صديقي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي تھ بالي ووڊ ۾ پنهنجانوازي نھ پر نسل پرستي سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ منهنجو رنگ سانورو آهي، ان ڪري مان نظرانداز ٿيو آهي، تنهنڪري مان اهڙي رويي خلاف آهيان ۽ جدوجهد بھ ڪئي آهي. هن چيو تھ مان ممبئي آيس تھ مسخري ۾ لکيو تھ تنهنجو ڇا ٿيندو ڪاليا. هن چيو تھ اهڙا ڪيترائي وڏا فنڪار آهن، جيڪي ڪاري رنگ يا ننڍي قد سبب اڳتي نھ اچي سگهيا آهن. هوڏانهن نواز الدين صديقي کي ايمي ايوارڊ لا پڻ نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button