
بالي ووڊ اداڪارا مندنا ڪريمي برقعو پائي ڊانس ڪرڻ واري پنهنجي وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بگ باس سيزن 9 جي ڪنٽيسٽنٽ مندنا ڪريمي شاپنگ مال ۾ خريداري دوران برقعو پائي ڊانس ڪئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي مٿس ڇتي تنقيد ٿي هئي. هن تصوير شيئر ڪري لکيو تھ ماڻهو چريا آهن.