شوبز

سليم خان اميتاڀ بچن کي رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو..!!

بالي ووڊ کي شعلي، ترشول، دوستانھ سميت ڪيتريون شاهڪار فلمون ڏيندڙ اسڪرپٽ رائيٽر سليم خان اميتاڀ بچن کي رٽائرمينٽ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سليم خان اميتاڀ بچن کي 79هين جنم ڏينهن جي مبارڪ بھ ڏني. هن جو چوڻ هو تھ اميتاڀ جي اوهان شاندار ڪم ڪيو آهي، اينگري ينگ مين رهيا، هاڻ آرام ڪيو، توهان زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪيو، جيڪو ملڻ گهرجي ۽ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو تھ مان تسليم ڪيان ٿو تھ انڊسٽري ۾ بهتري آئي آهي، افسوس اميتاڀ جهڙي اداڪار لا ڪهاڻيون نھ آهن، ڇاڪاڻ تھ اڄڪلهه سٺي ڪهاڻي نٿي لکجي. هن چيو تھ زندگي جا ڪجهه سال پنهنجو پاڻ کي بھ ڏيڻ گهرجن، مان بھ ائين ئي ڪيان پيو، منهنجا دوست هاڻ فلمي ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button