شوبز

ڪرناٽڪ جي حسينا سيني شيٽي مس انڊيا جو تاج ماڻي ورتو

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي حسينا سيني شيٽي مس انڊيا جو تاج ماڻي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي شهر ممبئي ۾ مس انڊيا 2022ع جي مقابلي جو فائنل منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سيني شيٽي مس انڊيا 2022ع جو مقابلو کٽيو آهي. چارٽرڊ فناشل اينالسٽ جو ڪورس ڪندڙ

مس انڊيا 2022 ۽ سندس رنر اپ

سونهن راڻي سيني شيٽي هاڻ 71 مس ورلڊ جي مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي حصو وٺندي. جڏهن تھ راجسٿان جي روبل شيخاوت رنر اپ بڻجي وئي آهي ۽ اتر پرديش جي شناتا چوهاڻ ٻي رنر اپ قرار ڏني وئي آهي. بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا، اڳوڻي ڪرڪيٽر ميٿالي راج، اداڪارا ملائڪا اروڙا، ڊينو موريا ۽ ٻين ايونٽ ۾ جيوري جا فرض نڀايا، جن نئين مس انڊيا جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button