
لاس اينجلس: مشهور آمريڪي اداڪارا ۽ ڳائڻي لنڊسي لوهان ڪويت جي فنانسر بدر شمس سان شادي ڪري ڇڏي، اداڪارا لنڊسي لوهان انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس بدر شمس جي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڳائڻي کيس مڙس ڪري مخاطب ڪيو آهي. هن چيو ته مان دنيا جي خوش قسمت ترين عورت آهيان، جو تو مون کي ڳوليو آهي ۽ محسوس ڪيو ته مان خوشين ۽ پيار جي تلاش ۾ آهيان، مان يقين نٿي ڪري سگهان ته تون منهنجو مڙس آهين، تون منهنجي زندگي آهين، سڀ ڪجهه آهين، جنهن بعد مداحن جوڙي کي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.