شوبز

آريان کي قيدي طور نمبر الاٽ ٿي ويو، هن والدين سان بھ ڳالهايو

بالي ووڊ جي ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان کي جيل منتقل ٿيڻ بعد باقائدا قيدي نمبر الاٽ ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ساڻس والدين پڻ فون تي ڳالهايو آهي. ميڊيا مطابق آريان خان کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري جيل ۾ باقي قيدين کان ڌار بيرڪ ۾ رکيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ممبئي جي عدالت ضمانت بابت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري آريان کي جيل موڪليو، جتي پهچڻ تي سندس سيڪيورٽي کي انتهائي سخت ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ کيس قيدين جا ڪپڙا پارائي قيدي طور نمبر 956 الاٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جيل ۾ آريان سان والدين شاهه رخ خان ۽ گوري خان وڊيو ڪال ذريعي ڳالهايو آهي، جنهن دوران اوچتو جذبات ۾ اچي آريان خان روئي ڏنو تھ ما ۽ پي کيس دلاسو ڏيندا رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button