شوبز

تڪليف ڏيندڙن پويان ڊوڙڻ ڇڏي ڏيو: هانيھ عامر

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا هانيھ عامر مداحن کي نصيحت ڪندي چيو آهي تھ مهرباني ڪري انهن ماڻهن جي پويان ڊوڙڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي اوهان کي تڪليف ڏيندا آهن. ميڊيا مطابق هانيھ عامر سوشل ميڊيا تي نئين تصوير شيئر ڪندي ان جي ڊگهي ڪيپشن ۾ هن لکيو تھ، اسان جي چوڌاري وڏو گوڙ آهي، ان ۾ اسين مهربانن کي ڏسي نٿا سگهون. هن جو چوڻ هو تھ انهن جي آڏو فرياد کڻي پهچي ويندا آهيون، جيڪي وڏا دوکا ڏين ٿا. هن چيو تھ اسين سدائين انهن جي آڏو فرياد کڻي پهچي ويندا آهيون، جيڪي وڏا دوکا ڏين ٿا، جيڪي اوهان کي خوشي ڏئي ڪجهه نھ گهرن، انهن جي ساراهه ڪيو. هن چيو تھ رات جي وقت جن سان خاموشي سان ويهي سگهو، انهن جو قدر بھ ڪرڻ سکي وٺو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button