شوبز

منشا پاشا بھ علي گل پير جي رنگ ۾ رڱجي وئي..!!

پاڪستاني اداڪارا منشا پاشا بھ هاڻ ڪاميڊين علي گل پير جي رنگ ۾ رڱجي وئي آهي. ميڊيا مطابق منشا پاشا علي گل پير سان گڏجي آمريڪي ايوارڊ شو ميٽ گالا 2021ع کي ٻيهر تخليق ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن تي مداح کلي پيا آهن. هنن تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ علي گل رلي ويڙهي ۽ منشا ڪارو وڳو پائي ڳائڻٻي ريحانا تي چٿر ڪري ورتي. جڏهن تھ مداح ٻنهي کي اهڙي انوکي روپ ۾ ڏسي کلڻ سان گڏ ساراهه تي مجبور ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button