شوبز

امبر هرڊ جي هتڪ عزت ڪيس ۾ داخل اپيل بھ چيلنج

هالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا امبر هرڊ جي هتڪ عزت واري ڪيس ۾ داخل اپيل کي سندس اڳوڻي مڙس سپر اسٽار جوني ڊيپ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق جوني ڊيپ ورجينا جي عدالت ۾ اپيل خلاف پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ عدالت کان انصاف گهريو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ امبر هرڊ ڪجهه ڏينهن اڳ مٿس لڳايل 2 ملين ڊالرز جي ڏنڊ واري فيصلي خلاف درخواست ڏئي اپيل ڪئي هئي. جڏهن تھ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ امبر هرڊ کي اڳوڻي مڙس تي الزام لڳائي کيس بدنام ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button