ڪراچي: لالي ووڊ اداڪارا درفشان سليم پنهنجي خوبصورتي جو راز ٻڌائي ڇڏيو. اداڪارا ان حوالي سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو چهري تي لڳايل ماسڪ جا فائدا ٻڌائي رهي آهي، ماسڪ ۾ اٽو، بادام ۽ نارنگي جي کلن جو پائوڊر ۽ ڏهي شامل آهي، جن کي ملائي اداڪارا پيسٽ تيار ڪيو ۽ هٿن جي مدد سان منهن تي لڳايو. اداڪارا چمڙي جي رنگ لا هڪ ٽونر ٺاهيو آهي، جنهن ۾ چانورن جو پاڻي ۽ گلاب جون خشڪ پتيون استعمال ڪيون. جڏهن ته اداڪارا درفشان سليم جي ڪاري جوڙي ۾ هڪ نئين تصوير به وائرل ٿي هئي. اداڪارا جا انسٽاگرام تي سوا 9 لک فالورز آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close