اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو،پاڪستانين کي به رليف ملندو:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد :ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿيا آهن، جنهن سان پاڪستاني عوام کي به رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو دوران ڪيو. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين بورڊ به قرض جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. پاڪستاني معاشي حالتن بابت سندس چوڻ هو ته حڪومت بهترين حڪمت عملي ۽ سخت فيصلن کانپوءِ معاشي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته اسان عام ماڻهو جي تڪليف کان آگاهه آهيون، ايندڙ عرصي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا ۽ ان سان پاڪستاني واهپيدارن کي به رليف ملندو.هن چيو ته عالمي سطح تي مهانگائي سبب پاڪستان به بري طرح متاثر ٿيو آهي پر حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي جون ڏکيائيون گهٽ ڪرڻ لاءِ گيهه، اٽي، کنڊ سميت ٻين ضروري شين تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button