پاڪستانسنڌ

وڏو وزير ڊرينيج ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي :اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. صوبائي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ خاص مددگار قاسم نويد پڻ ساڻس گڏ هئا. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ تبريز مري، واٽر بورڊ جي عملدارن ۽ لوڪل باڊيز جي آفيسرن صوبائي وزيرن کي نيڪالي بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزيرن ڪي پي ٽي انڊر پاس، سب ميرين چورنگي، ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ شاهراهه فيصل تي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. صوبائي وزيرن ڪي پي ٽي انڊر پاس، سب ميرين چورنگي، ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ شاهراهه فيصل تي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. شرجيل انعام ميمڻ اختيارين کي هدايت ڪئي ته روڊن ۽ گهٽين وارن علائقن مان پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته برسات ٿوري هئي پر تيز برسات ٿي آهي. بهرحال، شهر جا انڊر پاس صاف آهن. ضلعي انتظاميا، ميونسپل ۽ واٽر بورڊ جا عملدار روڊن تي موجود آهن. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ڊرينيج ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪارن کي شهرين جي مدد لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته صوبائي وزير روڊن تي امدادي ڪمن جي نگراني لاءِ موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button