پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي جي پهرين هالي ووڊ فلم جو ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي ٽي آئي سربراهه عمران خان جي اڳوڻي زال برطانوي فلم ميڪر جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي فلم ۾ سجل علي کي اهم ڪردار ۾ ڊيبو ڪرايو آهي. جڏهن تھ فلم واٽس اي لو گاٽ ٽو ڊو اٽ جي ٽريلر کي پروڊيوسر جمائما شيئر ڪري ڇڏيو آهي. جمائما گولڊ سمٿ فلم جي جاري ڪيل ٽريلر جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ محبت ۾ ڪرڻ کان بهتر آهي تھ پيار ڪري وٺو. فلم جي ٽريلر ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي خاندان پاران رشتن جي ڳولا ۾ ثقافتن جي ميلاپ کي بھ شامل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close