
پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ جوڙي فضا ۽ منيب کي بهترين ٽڪ ٽاڪ جوڙي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. ميڊيا مطابق لاهور ۾ بحرين سوشل ميڊيا ايوارڊس جي تقريب ۾ ٻنهي کي ايوارڊ ڏنا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فضا ۽ منيب کي سندن پرڪشش ۽ سبق ڏيندڙ وڊيوز شيئر ڪرڻ تي ايوارڊ مليو آهي. هوڏانهن فضا بهترين جوڙي جو ايوارڊ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي آرگنائيزرس جو ٿورو مڃيو آهي.