
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر جي نئين تصويرن مداح ۽ دوست موهي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق صبا قمر ڪاري وڳي ۾ فوٽو شوٽ مڪمل ڪرائي تصويرون رکيون تھ مداحن انهن کي ڀرپور قسم جي موٽ ڏيندي، هزارن جي تعداد ۾ لائيڪس ڏنيون آهن. هوڏانهن سهائي علي ابڙو، مايا علي ۽ ٻين اداڪارائن صبا کي حسين عورت قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ صبا قمر جي تصوير تي تبصرو ڪندي ساٿي اداڪارا رابعا ڪلثوم لکيو تھ، ڇا اسين پنهنجو سامان ٻڌي رکون.