
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر جي نئين فوٽو شوٽ مداحن کي موهي وڌو آهي، جيڪي سندس سونهن جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا آهن. ميڊيا مطابق صبا قمر فيشن برانڊ جي ڏس ۾ تازو فوٽو شوٽ نيري رنگ جي ساڙهي سان مڪمل ڪرايو آهي، جنهن جون تصويرون شيئر ٿينديون ئي هڪدم وائرل ٿي ويون، جن کي مداحن ساراهيندي کيس سونهن جي راڻي جهڙا لقب پڻ ڏنا آهن.