
پاڪستاني فلم جاويد اقبال: دي سيريل ڪلر کي سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق ابو عليحا جي هدايتڪاري ۾ تيار ڪيل فلم جو پريميئر يوڪي فلم فيسٽيول ۾ ڪيو ويو هو، جيڪا هاڻ وري سائوٿ ايشين فيسٽيول ۾ پيش ٿيندي. فلم ۾ عائشا عمر ۽ ياسر حسين مک ڪردار ڪيا آهن.