
بالي ووڊ جي ميڪر ايڪتا ڪپور ۽ سندس والدا شوڀا ڪپور جا گرفتاري وارنٽ نڪرڻ واري خبر غلط قرار ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق ايڪتا ڪپور ۽ سندس والدا شوڀا جي وڪيل ميڊيا ۾ آيل خبرن کي بي بيناد چئي رد ڪيو. وڪيل جو چوڻ هو تھ ايڪتا ۽ والدا شوڀا جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ جي خبر غلط آهي، اهڙو ڪوبھ وارنٽ ٻنهي ڄڻين کي نھ مليو آهي، سمجهه نٿو اچي تھ خبر ڪئي آئي آهي.