رانديون

انگلش رانديگر واپس هليا ويا، پاڪستاني ٽيم ٽھ ملڪي سيريز کيڏڻ خاطر نيوزيلينڊ رواني

پاڪستاني ٽيم ٽھ ملڪي سيريز کيڏڻ خاطر نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي آهي، جنهن سان گڏ ئي انگلش رانديگر پڻ واپس هليا ويا آهن. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم هوم گرائونڊ تي انگلينڊ هٿان 7 ميچن واري ٽي 20 سيريز هارائڻ بعد رات جو ئي رواني ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ 16 رانديگرن ۽ 13 آفيشلز تي ٻڌل اسڪواڊ پهرين سڊني پهچندو، اتان اهو آڪلينڊ ۽ بعد ۾ ڪرائيسٽ چرچ ويندو. هوڏانهن ٽھ ملڪي سيريز ۾ ميزبان نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جون ڪرڪيٽ ٽيمون حصو وٺنديون، جنهن بعد پاڪستان جي قومي ٽيم 15 آڪٽوبر تي واپس آسٽريليا ايندي. ٻئي پاسي انگلينڊ جو 23 رڪني اسڪواڊ پهرين مرحلي ۾ پاڪستان مان روانو ٿيو آهي، جيڪي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڀرپور تياري ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button