شوبز

عاليا ڀٽ ٽائم 100 امپيڪٽ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا عاليا ڀٽ ٽائم 100 امپيڪٽ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس چمڪدار گائون پاتل نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ سندس شخصيت وڌيڪ نکارجي وئي آهي. هوڏانهن ٽائم امپيڪٽ ايوارڊ ماڻڻ بعد عاليا ڀٽ کي فلم گنگو بائي ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ جو اعزاز بھ ڏنو ويو آهي، جنهن بابت چيو ويو آهي تھ فلم جي ڪهاڻي اثرائتي نھ هجڻ باوجود عاليا ڀٽ جاندار اداڪاري ذريعي فلم ۾ زندگي وجهي ان کي ڪامياب بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button