
بالي ووڊ جي پٽودي نواب سيف علي خان کي ڀارت جي هندو انتهاپسندن دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ سندس نئين فلم آدي پروش جي بائيڪاٽ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق هندو انتهاپسندن فلم جي حوالي سان الزام لڳايو آهي تھ مذهبي بنيادن تي ٺهيل فلم ۾ هندو عقيدي جي توهين ڪيل آهي. جڏهن تھ فلم ۾ راوڻ بدران مسلمان دهشتگرد ڏيکارڻ جي ڪوشش سان سندن عقيدي کي ڇيهو رسيو آهي.