شوبز

ريچا چڍا ۽ علي فضل شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا

بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ريچا چڍا ۽ علي فضل شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ريچا چڍا ۽ علي فضل جي شادي بابت ميڊيا دعوا ڪئي آهي تھ انهن شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ اهي جلد نئين دهلي ۽ ممبئي ۾ آجياڻا منعقد ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ لکنئو ۾ ٻنهي ڄڻن روايتي ثقافتي رسمن بعد شادي جي رسم بھ ادا ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن شادي ٿيڻ بابت جوڙي باضابطا طور ڪا پڌرائي نھ ڪئي، پر ميڊيا رسم ادا ڪرائي آهي. هوڏانهن جوڙي بابت انڪشاف ٿيو آهي تھ انهن اڍائي سال اڳ قانوني طور شادي ڪري ڇڏي هئي، جيڪا رجسٽرڊ پڻ ڪرائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button