بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ڌرميندر ۽ اداڪارههيما ماليني جي ڌي ايشا ديول جڏهن ننڍي هئي ته هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاپنهنجي پي کان اجازت وٺڻ ۽ ان کي ان لا تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌرم جي ڪافي پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هو ايشا ۽ ننڍي ڌي اهانا کي گهريلو ڇوڪري طور ڏسندو هو. ايشيا ديول بالي ووڊ جي ماضي جي مشهور اداڪاره يمي گريوال سان هڪ پراڻي انٽرويو ۾ گفتگو ڪندي چيو ته مان بالي ووڊ فلمن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندي هئس پر ان جو سڄو انحصار منهنجي والد تي آهي ته هو ڇا چوندو. هيما مالني به شريڪ ٿي. هيما مالني پنهنجي ڌي طرفان پي کان اجاز بابت ٻڌايو ته پهرين ته هن انڪار ڪيو، جڏن مون هن سان ڳالهايو تڏهن به جواب نفي ۾ مليو. ٻنهي نياڻين جي ڄمڻ کانپو هن چيو ته ڊانس وغيره ٺيڪ آهي پر فلمن ۾ ڪم نه ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close