سنڌ

ڌاٻيجي ڀرسان عرب شڪارين جي وڊيو ڀرڻ تان نوجوان قتل،وارثن جو ڌرڻو

ڌاٻيجي جي ڳوٺ آچار سالار جي رھواسي ناظم جوکيو پنھنجي ڳوٺ ڀرسان شڪار لاءِ آيل عربن جي گاڏي جي وڊيو رڪارڊ ڪئي، جنھن بعد کيس ڌمڪيون ملي ته وڊيو ڊليٽ ڪر نه ته تنھنجي لاءِ سٺو نه ٿيندو، جنهن کانپو ٻئي ڏينهن تي نوجوان ناظم جوکيو جو ڄام ڳوٺ مان لاش مليو. ان ڏس ۾ مقتول نوجوان ناظم جوکيو جي ڀاءُ اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر افضل جوکيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان ناظم جوکيو ڪوهستان ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي موبائيل تي لائيو وڍيو ٺاهي، جنهن کانپو کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ رات دير سان ناظم جوکيو کي زبردستي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو جي ماڻھن ھٿياربند ٿي کڻائي ڪارو جبل ڀرسان بااثر سياسي شخصيت جي اوطاق تي پهچايو، جتي کيس تشدد ڪرڻ بعد ڄام ڳوٺ ملير پھچايو، جتي سڄي رات تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button