پاڪستانسنڌ

قيمتن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري 30 سيڪڙو رليف مذاق آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا ڪوڙا آهن، اهي رليف جي نالي تي تڪليف ڏيندا آهن. وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن سالن ۾ گئس جي قيمت ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري 30 سيڪڙو رليف مذاق آهي، عمران خان اڄ به پنهنجي ناڪامين جو ملبو گذريل حڪومتن تي وجهي رهيو آهي.

هن چيو ته 30 سيڪڙو سبسڊي انتهائي گهٽ ۽ گهڻي دير سان ڏني وئي آهي، 20 ڪروڙ عوام تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کي لالي پاپ نه پر عمران خان کان حساب گهرجي، اڄوڪي تقرير جو نتيجو به گذريل تقريرن جيان ئي ڪجهه نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button