شوبز

عفت عمر چپن جي پلاسٽڪ سرجري بابت وضاحت ڪري ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا عفت عمر چپن جي سرجري بابت وضاحت ڪندي چيو ته مون چپن جي نه پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي ۽ نه ئي فلنگ ڪرائي آهي. ميڊيا مطابق ماڊل عفت عمر چهري جي فيشل ۽ ڪاربن پيل ليزر جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون، جنهن ۾ مداحن چپن ۾ تبديلي محسوس ڪئي ۽ ان کان سوال ڪيا، هڪ مداح سوال ڪندي چيو ته توهان منهنجي پسنديده شخصيت آهيون پر چپن جي فلنگ وارو عمل سٺو نه لڳو آهي، توهان جا چپ وڏا نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو جواب ڏيندي عفت عمر چيو ته چپن کي وڏو ڪرڻ لا ڪا ڀرائي نه ڪرائي آهي، وزن گهٽائڻ جي ڪري چپ ائين نظر اچي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button