شوبز

شاهه رخ خان کي جنم ڏينهن تي برج خليفه پاران ڀيٽا پيش

دبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان کي برج خليفه خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو. ميڊيا مطابق دبئي جي بلند ترين عمارت برج خليفه شاهه رخ خان جي سالگرهه واري ڏينهن جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيڻ لا ان جي تصوير لڳائي ڀيٽا پيش ڪئي،

ان خاص موقعي تي برج خليفه جي ٽيم شاهه رخ خان جي هٽ فلم ”دل والي دلهنيان لي جائينگي“ جو مشهور گيت ”تجهي ديکا تو يه جانا صنم“ هلايو، ان باري ۾ گڏيل عرب امارتن جي مشهور واپاري محمد الابار پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهه رخ خان کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون پيون وڃن، جنهن کان پو شاهه رخ خان چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ بلند اسڪرين تي پاڻ کي ڏسي خوشي ٿي آهي. جڏهن ته شاهه رخ خان برج خليفه جي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button