پاڪستانسنڌ

ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي الزام تي سرجاني ۽ منگهوپير ٿاڻن جي نفري تبديل

ڪراچي: ڪراچي جي ٻن ٿاڻن جي سموري نفري تبديل ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سرجاني ٽائون ۽ منگهوپير ٿاڻن جي مڪمل نفري کي تبديل ڪيو ويو آهي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ٿاڻن جي نفري کي سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 250 آفيسرز ۽ اهلڪار شامل آهن.

ٻئي پاسي پوليس ذريعن جوچوڻ آهي ته ٻنهي ٿاڻن جي حدن ۾ ڪرپشن، زمينن تي قبضا ۽ ايراني ڊِيزل جي اسمگلنگ ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جي شڪايت تي نفري تبديل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button