
پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ جي سپر اسٽار ريتڪ روشن پاران سندس فلم مولاجٽ جي پوسٽر کي ڏسي کيس ساراهڻ جي ردعمل ۾ چيو آهي تھ ريتڪ روشن جي ساراهڻ تي ذاتي طور جواب ڏنو آهي، هڪ اسٽار آڏو ٻئي کي عوامي سطح تي ساراهڻ ڏکيو آهي، ريتڪ ائين ڪري ڇڏيو آهي، هن جي دل ۾ جيڪو اچي ٿو، اهو چئي ڏيندو آهي. هن چيو تھ ريتڪ سان رابطو ڪري کيس ڪجهه ڳالهيون بھ چيون، پر اهي مان نٿي ٻڌائي سگهان. هن ٻڌايو تھ بالي ووڊ ۾ دوستيون آهن، رابطو رکان ٿي، جيڪي عوامي سطح تي ڳالهائيندي ڊپ ٿئي ٿو.