
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عائزا خان جون سائي رنگ ۽ ٻين دلڪش وڳن ۾ شيئر ڪيل تصويرون مداحن کي وڻي ويون آهن، جن سندس سونهن کي لاجواب چئي ساراهيو آهي. ميڊيا مطابق عائزا خان فيشن برانڊ جا وڳا متعارف ڪرائڻ خاطر نئون فوٽو شوٽ مڪمل ڪرايو آهي، جنهن جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. جڏهن تھ عائزا خان جي سائي وڳي ۾ تصوير کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ هزارين لائيڪس ملي ويون آهن.