
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عليزي ناصر پنهنجي ايندڙ فلم يارا وي جي مشهوري ڪرڻ خاطر دبئي پهچي وئي آهي، ساڻس گڏ فلم ۾ مک ڪردار ڪندڙ سميع خان پڻ هو. ميڊيا مطابق عليزي ناصر ۽ سميع خان فلم جي مشهوري جي ڏس ۾ منعقد ڪيل ميڊيا ٽاڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيا آهن، جتي انهن صحافين توڙي مداحن جي تمام وڏي تعداد کي نھ رڳو آئوٽ گراف ڏنا، ساڻس سيلفيون ٺهرايون، پر کين فلم ڏسڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.