ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻي عالمي جنگ ۽ سوويت يونين

Editorial-Article- Yameen jatoi

گذريل صديءَ ۾ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڪوس جي شروعات ٿي، جنهن کي ٻي عالمي جنگ طور سڏيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. ان عالمي ڪوس مستقبل جي انسانيت تي ڪيترائي اثر ڇڏيا. اها جنگ دنيا جي 40 رياستن جي سرحدن تي وڙهي وئي. ان مهاڀاري جنگ ۾ دنيا جي 61 رياستن حصو ورتو، جن جي آبادي دنيا جي 80 سيڪڙو آباديءَ تي مشتمل هئي. ڪل 110 ملين فوجي ان عالمي ٽڪرا ۾ متحرڪ ڪيا ويا. 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا، جن ۾ رڳو 27 ملين يعني ٻه ڪروڙ 70 لک سوويت يونين جا ماڻهو شامل هئا. ٻي عالمي جنگ جي فوجي خرچن ۽ نقصان جو ڪاٿو چار ٽرلين ڊالر لڳايو ويو وغيره وغيره.
پر وڏي چالاڪي سان اولهه جون سامراجي رياستون آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس وغيره ان جو ذميوار سوويت يونين کي قرار ڏين ٿيون. ان زهريلي پروپيگنڊا جو بنياد سوويت يونين جو جرمني سان 23 آگسٽ 1939ع تي عدم جارحيت جو معاهدو هو. اڪثر سامراجي ملڪن ان جي ميڊيا ۽ سندن پڇ لٽڪائو دانشورن جي اها پروپيگنڊا موجود آهي ته، دراصل ان معاهدي هٽلر جي پهرين سيپمٽبر 1939ع تي پولينڊ تي حملي لا سولايون پيدا ڪري ڏنيون. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي جرمنيءَ جي پولينڊ تي حملي کي ٻي عالمي جنگ جي شروعات قرار ڏنو وڃي ٿو. پر ڪميونسٽن جي نظر ۾ ايئن نه آهي. ايئن ڇو نه آهي، ان تي بعد ۾ اچون ٿا. پر سڀ کان پهرين دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست سوويت يونين خلاف سامراجي ملڪن جي ان ڪوڙي پروپيگنڊا جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته حقيقتون ايئن بنهه نه آهن، جيئن پيش ڪيون پيون وڃن.
1933ع ۾ جرمني اندر ويمر ريپبلڪ ڊهي پئي ۽ هٽلر جرمنيءَ جي نئين چانسلر طور اقتدار ۾ اچي ويو. هٽلر جو اقتدار ۾ اچڻ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ لا ڳڻتيءَ جو سامان کڻي آيو. ڇاڪاڻ ته، ان کان 10 سال اڳ 1923ع ۾ اٽليءَ ۾ مسولينيءَ جي فاشسٽ پارٽيءَ جي شڪل ۾ رد انقلابي قوتون اقتدار ۾ اچي ويون. مسوليني اٽليءَ اندر سڀ کان پهرين اهو ڪم ڪيو جو هن اٽليءَ جي پورهيت طبقي ۽ ان جي وينگارڊ ڪميونسٽ قوتن کي بيرحميءَ سان ڪچليو. ڏهن سالن کان پو هٽلر جهڙي ڪميونزم مخالف فاشي بگهڙ جو اقتدار ۾ اچڻ جرمنيءَ جي مزدور تحريڪ کي وڏو جهٽڪو هو. سوال اهو آهي ته، هٽلر جي اقتدار ۾ اچڻ جا سبب ڪهڙا هئا ۽ ان جي ڪنهن ۽ ڪيئن مدد ڪئي؟ اصل ۾ برطانيا جي بئنڪ آف انگلينڊ ۽ آمريڪا جي فيڊرل رزرو جهڙا مالياتي سامراجي ادارا ئي هئا، جنهن هٽلر لا آسانيون پيدا ڪيون. 1920ع جي ڏهاڪي ۾ برطانيا ۽ آمريڪا جي انهن مالياتي سامراجي ادارن پهرين عالمي جنگ ۾ هارايل ۽ هر حوالي کان شڪست خورده جرمني لا پنهنجي خزاني جا منهن کوليا ۽ اتي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. ان ايڏي وڏي تاريخي حرامپائيءَ تي “انسان دوست” ۽ “جمهوريت پسند” بورجوا مورخ ۽ مفڪر بلڪل ماٺ آهن!! هڪڙو سچ اهو به آهي ۽ ان کان به وڌيڪ ڪڙو هڪ ٻيو به سچ آهي. اچو ته ٿورو ان تي به ٻه اکر ڳالهايون.
پاڻ جيئن مٿي چيو ته، هٽلر جو اقتدار ۾ اچڻ نه رڳو جرمنيءَ جي مزدور تحريڪ پر اهو عالمي ڪميونسٽ تحريڪ لا پڻ پريشانيءَ جو سبب هو. 1923ع کان 1933ع تائين ٽين انٽرنيشنل يا ڪميونسٽ انٽرنيشنل (ڪامنٽرن) عالمي سطح تي فاشزم خلاف جدوجهد ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي. ڪميونسٽ انٽرنيشنل لا فاشزم جو اڀار هڪ منفرد لقا هو، جيڪو عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي تجربي ۾ بنهه نئون هو. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته، مسولينيءَ کان پو هٽلر جو اقتدار ۾ اچڻ پاڻ ڪميونسٽ انٽرنيشنل لا هڪ وڏي شڪست هئي. ان جو هڪ سبب هو ۽ سبب اهو هو ته، اٽليءَ کان پو جرمنيءَ يورپ جو اهو ملڪ هو، جتي سڄي يورپ جي ڀيٽ ۾ پورهيت تحريڪ گهڻي مضبوط هئي. تنهنڪري، جرمني اندر مزدور طبقي جي شڪست اصل ۾ سڄي يورپ جي مزدور طبقي ۽ ڪميونسٽ تحريڪ جي شڪست هئي. ان بنياد تي ڪميونسٽ انٽرنيشنل اهو نتيجو ڪڍيو ته، مسولينيءَ جي ڀيٽ ۾ هٽلر جو اقتدار ۾ اچڻ جرمني جي مزدور تحريڪ لا ته هاڃيڪار آهي ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو عالمي ڪميونسٽ تحريڪ لا به وڏو مسئلو آهي ۽ هٽلر عالمي ڪميونسٽ تحريڪ خلاف عالمي فاشسٽ تحريڪ جي سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته جرمن سامراجي اڳرائيءَ جو خاص فوڪس ان وقت سوويت يونين ئي هو. جيڪا نه رڳو پهرين سوشلسٽ رياست جي حيثيت ۾ سامراج لا وڏي ۾ وڏو مٿي جو سور هئي، پر ساڳي وقت اها عالمي ڪميونسٽ تحريڪ يا ٽين ڪميونسٽ انٽرنيشنل جو نظرياتي ۽ مادي (مٽيريل) مرڪز به هئي. اهڙي نموني، سوويت يونين جي شڪست جو مقصد عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو خاتمو هو. ان صورتحال جي پيشنظر ٽين انٽرنيشنل پنهنجي جدوجهد جو توجهه عالمي فاشزم ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. 1935ع ۾ انٽرنيشنل ستين ڪانگريس ۾ پنهنجن قومي حصن کي اهي هدايتون جاري ڪيون ته، پنهنجن پنهنجن ملڪن اندر غير فسطائي سامراجي ملڪن سان نازي جرمنيءَ خلاف اتحاد ڪيو وڃي. اهڙيءَ ريت سمورا مخصوص انقلابي فريضا فاشزم جي اڳواڻي ڪندڙ نازي جرمنيءَ کي شڪست ڏيڻ واري فريضي جي ماتحت ڪيا ويا. نازي جرمنيءَ جون ٻه منفرد خاصيتون هيون. هڪ اها ته هو سوويت يونين لا خطرو هئي. ٻي اها ته هو عالمي فاشزم لا اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي.
هٽلر جي سوويت يونين ۽ ڪميونزم بابت واضح دشمني اولهه جي سامراجي ملڪن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي حڪمران حلقن لا سرهائيءَ جو سامان کڻي آئي. اهو ئي سبب هو جو برطانيا ۽ فرانس جي سامراجي حڪومت 1930ع جي ڏهاڪي ۾ فاشسٽ جرمنيءَ سان ڪيترائي ٺاهه ۽ سمجهوتا ڪيا. هٽلر جي اقتدار ۾ اچڻ جي اڌ سال کان به گهٽ عرصي ۾ فرانس ۽ برطانيا 15 جولاءِ، 1933ع ۾ اٽليءَ جي گاديءَ جي هنڌ روم ۾ فاشسٽ اٽلي ۽ نازي جرمنيءَ سان سهڪار جي ٺاهه ۽ سمجهوتي تي صحيحون ڪيون. بهرحال، فاشزم جي عالمي اڀار کي ڏسندي سوويت يونين مغرب جي غير فسطائي سامراجي رياستن برطانيا ۽ فرانس وغيره سان هٽلر مخالف معاهده ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ايتريقدر جو سوويت يونين “اجتماعي سلامتي” لاءِ “اوڀرندي معاهدي” جي سري هيٺ ٺاهه ڪرڻ جهڙيون تجويزون آڇيندي برطانيا ۽ فرانس وغيره کي اهو راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، فاشزم خلاف متحد ٿجي. جڏهن ته، انهن سامراجي رياستن سوويت يونين جي ڪنهن به آڇ ۽ تجويز کي خاطر ۾ نه آڻيندي، نازي جرمنيءَ سان ويجهڙايون پيدا ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ نه ڏنو. اهو ئي سبب هو جو برطانيا ۽ جرمنيءَ ۾ 1935ع ۾ هڪ ٻيو سامونڊي معاهدو ٿيو. ان معاهدي نازي جرمنيءَ جي سوويت يونين خلاف اتر سمونڊ خاص طور بالٽڪ سمونڊ ۾ پوزيشن کي مضبوط ڪيو.
اولهه جي پنهنجي عوام ۽ عالم انسانيت سان سڀ کان وڏي ۾ وڏي غداري اصل ۾ ميونخ معاهدو هو. جيڪو سيپٽمبر 1938ع ۾ برطانيا ۽ فرانس جرمنيءَ ۽ اٽليءَ سان ڪيو، جنهن تحت چيڪوسلواڪيا پليٽ ۾ رکي هٽلر کي ڏنو ويو. اها اهڙي صورتحال هئي، جنهن سوويت يونين ۽ ڪامريڊ اسٽالن کي مجبور ڪيو ته، هو ان خلاف ڪا جوابي حڪمت عملي اختيار ڪن. ان جو ئي نتيجو هو جو 23 آگسٽ 1939ع ۾ سوويت يونين نازي جرمنيءَ سان عدم جارحيت جو معاهدو ڪيو. ميونخ پاليسيءَ جو جوهر سامراجي ملڪن جو سوويت يونين خلاف متحده محاذ کڙو ڪرڻ هو، پر ماسڪو ۽ برلن وچ ۾ ٿيل معاهدي فرانس، برطانيا ۽ جرمنيءَ جي سوويت يونين خلاف متحده محاذ کي ٽوڙي ڇڏيو. ان متحده محاذ جو ٽٽڻ سوويت يونين جي بقاءَ جي مطلق ضرورت هو.
اها صورتحال پيدا ٿيڻ کان پو، هٽلر پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي حملو ڪيو ته، برطانيا ۽ فرانس جهڙا رجعت پرست سامراجي ملڪ پولينڊ جي “دفاع” ۾ اٿي کڙا ٿيا. پنهنجن سامراجي مفادن کي ڍڪ ڏيندي برطانيا ۽ فرانس دعويٰ ڪئي ته، سندن جرمنيءَ خلاف جنگ جو واحد مقصد پولينڊ جو دفاع، هٽلر جي شڪست ۽ جمهوريت جو تحفظ هو. پر ڪميونسٽ انٽرنيشنل برطانيا ۽ فرانس جي جنگ ۾ شموليت کي وائکو ڪري ڇڏيو ته، اهو صرف ماسڪو-برلن معاهدي جي شڪل ۾ هٽلر جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديليءَ جو نتيجو هو. برطانيا فرانس جي 1930ع جي ڏهاڪي ۾ “صلح جوئي” ۽ “عدم مداخلت” پٺيان حڪمت عملي اها هئي ته، جرمني سوويت يونين خلاف جنگ جي شروعات ڪندو. پر سندن ارادا مٽي ۾ ملي ويا.
جيئن پاڻ مٿي چيو ته، بورجوا مورخ هٽلر جي پولينڊ تي پهرين سيپٽمبر 1939ع تي حملي کي ٻي عالمي جنگ جي شروعات قرار ڏين ٿا. پر ڪميونسٽ انٽرنيشنل ان حملي کي ٻي عالمي جنگ جو هڪ فيصلائتو موڙ ۽ ٻيو مرحلو قرار ڏنو. انٽرنيشنل جي نظر ۾ ٻي عالمي جنگ جي شروعات 1931ع ۾ جاپان جي چيني علائقي منچوريا تي حملي ۽ ان کان پوءِ 30ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جي اسپين ۽ ايٿوپيا خلاف فوجي آپريشن سان ٿي چڪي هئي. تنهنڪري، هٽلر جو پولينڊ تي حملو جنگ جو ٻيو مرحلو هو ۽ ان مرحلي تي برطانيا ۽ فرانس جو جرمني سان ٽڪرا فاشزم ۽ جمهوري قوتن وچ ۾ ٽڪرا نه پر اها جنگ ٻن سامراجي بلاڪن ۾ جنگ هئي. جنهن ۾ مزدور طبقي جو ڪوبه ڀاڱو نه هو. جنگ جو ڪردار تڏهن بدلجي ٿو، جڏهن هٽلر 22 جون 1941ع تي سوويت يونين تي حملو ڪري ٿو. جنهن کان پو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪميونسٽ انٽرنيشنل فاشسٽ طاقتن جرمني، اٽلي ۽ جاپان خلاف پنهنجن پنهنجن قومي حصن کي غير فسطائي سامراجي ملڪن سان اتحاد لا چوي ٿي. ٻي عالمي جنگ جو 1941ع کان 1945ع تائين اهم پاسو سوويت يونين جو دفاع هو ۽ تاريخ اڳتي هلي سوويت يونين، ڪامريڊ اسٽالن ۽ ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي حڪمت عمليءَ کي درست ثابت ڪيو.
تنهنڪري، ٻي عالمي جنگ ۾ ٿيل انسانيت جي ڪوس جا ذميوار هڪ پاسي هٽلر ۽ ٻئي پاسي برطانيا، فرانس ۽ انهن جون اتحادي آمريڪا جهڙيون سامراجي رياستون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button