ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناڻي واري وزير جون ڳالهيون

Editorial

امڪان اهي پئي ڏيکاريا ويا ته پي ٽي آ حڪومت کان پو جيڪا حڪومت ايندي اها عوام جي مهانگائي جي عذاب مان جان ڇڏائيندي، پر هن حڪومت اچڻ سان جيئن ئي مهانگائي ڪرڻ شروع ڪئي، ان سان عوام جي تڪليفن ۾ واڌ اچي وئي. جيتوڻيڪ هي حڪومت دعويٰ اها ڪري رهي آهي ته عوام کي رليف ڏنو ويندو پر تازو ئي ناڻي واري وفاقي وزير جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي مايوسي واري صورتحال پيدا ڪرڻ لا ڪافي آهن. ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مهانگائي ڪا 6 مهينن ۾ اچڻ واري شي ناهي ۽ نه ئي ڇهن مهينن ۾ ختم ٿيڻي آهي، ملڪ جي ترقي لا اسان کي ميثاق معيشت تي اتفاق ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اتحادي حڪومت مهانگائي سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، مهانگائي ٽرڻ ۾ وقت لڳندو، هتي روز روز ڊراما ٿين ٿا ته هي ٿي ويندو، هو ٿي ويندو پر حقيقت ۾ ڪجهه به نه ٿيندو، تنهن ڪري افراتفري ڦهلائڻ جي ضرورت ناهي، اسان جي معيشت صحيح دڳ تي هلي رهي آهي، پاڪستان جو ڪنهن به صورت ۾ ڏيوالو نه نڪرندو، مون کي تڏهن ئي گهرايو ويندو آهي جڏهن معيشت جا ترا نڪري چڪا هوندا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي، ماضي ۾ به معيشت ٺيڪ ڪري ڏيکاري هئي ۽ هاڻي به ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻي آهي، هن سال پاڪستان جون 32 کان 34 ارب ڊالرن تائين پرڏيهي ضرورتون آهن، گذريل حڪومتي دورن ۾ پاناما جي ڊرامي پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪيو، هاڻي ملڪ کي مختلف چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي بهتري لا سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، رياست هوندي ته سياست به هوندي، اڃا اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان پيرس ڪلب نه ويندو، هاڻوڪي مهانگائي گذريل حڪومت جي نااهلي ۽ خراب حڪمراني جو نتيجو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي ته ملڪ کي وياج واري نظام مان ڪڍي اسلامي نظام آڻيان، معيشت جي حوالي سان فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهيان ۽ آ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو ان تي عمل ڪنداسين، پاڪستان فيٽف جي حوالي سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي وزير چيو ته حڪومت روس کان تيل حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته اسان به وٺي سگهون ٿا.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. هاڻي ته ناڻي واري وفاقي وزير واضح چئي ڇڏيو آهي ته مهانگائي ٽرڻ ۾ وقت لڳندو. ڪيترو وقت لڳندو ان بابت ڪا به تاريخ نه ٻڌائي وئي آهي، جنهن سان عوام ۾ غيريقيني اڃا به وڌندي. جيتوڻيڪ هي حڪومت مهانگائي جي خاتمي واري بيانيي سان آئي هئي. پر هاڻي واضح طور چئي رهي آهي ته مهانگائي جلدي ختم ڪونه ٿيندي. مطلب ته ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. اهڙي صورتحال ۾ ناڻي واري وزير جو بيان عوام جي بيچئني ۾ اڃا به واڌ آڻيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button