
پاڪستاني فلم مني بيڪ گارنٽي جو ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي تھ اڳوڻو ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ۽ سندس زال شنيرا بھ اداڪاري ڪندي نظر ايندا. ميڊيا مطابق وسيم اڪرم ۽ شنيرا کي فلم ۾ مختصر يا اهم ڪردار ۾ کنيو ويو آهي، ان بابت ڪا ڄاڻ فراهم ناهي ٿي. جڏهن تھ عائشا عمر، فواد خان ۽ ٻي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم جي شوٽنگ ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿي آهي. هوڏانهن ٽريلر ۾ ڪهاڻي منجهائي ڏيکاري وئي. جڏهن تھ ميڪرز پاران فلم کي ايندڙ سال عيدالفطر تي فلم کي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.