شوبز

ابير رضوي ماڊلنگ جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور ماڊل ابير رضوي فيشن انڊسٽري توڙي مادلنگ جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي رکيل پنهنجي تفصيلي پوسٽ ۾ ابير رضوي جو چوڻ هو تھ ماڊلنگ ۾ منهنجو سفر رولر ڪوسٽر جيان هو، ان کي ڇڏيان پئي، هاڻ ان تان رٽائرمينٽ وٺي رهي آهيان. هن جو چوڻ هو تھ ماڊلنگ ۾ منهنجو سفر رولر ڪوسٽر جيان هو، مان ان کي ڇڏيان پئي. هن ٻڌايو تھ منهنجو هي سفر عجيب ۽ حيرتن سان ڀريل رهيو، هاڻ مان پنهنجو سمورو ڌيان مستقبل جي ڪمن تي رکڻ چاهيان ٿي. هن مداحن کي مخالط ٿيندي چيو تھ سدائين خوشين جي چونڊ ڪري زندگي کي ڀرپور ۽ آسان بڻايو وڃي. هن چيو تھ هن سفر ۾ جن بھ ماڻهن منهنجو ساٿ ڏنو مان انهن جي ٿورائتي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button