
ڀارت جي مشهور اداڪارا سونم باجوا اعتراف ڪيو آهي تھ اها پاڪستاني اداڪار فواد خان سان محبت ڪري ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ فواد خان جيڪڏهن اڳ ئي پرڻيل نھ هجي ها تھ مان ساڻس گڏ وقت گذارڻ چاهيان ها، هو منهنجي خوابن جو ڪرش رهيو آهي ۽ ساڻس افيئر جي خواهش هئي.