شوبز

جيڪولين فرنانڊس تي ڀارت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش جو الزام

بالي ووڊ جي سريلنڪا ڄائي اداڪارا جيڪولين فرنانڊس تي ڀارت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش جو الزام لڳايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي عدالت ۾ 200 ڪروڙ رپين جي ڀتي خوري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڀارت جي جاچ ايجنسين جي اهلڪار بيان رڪارڊ ڪرائيندي جيڪولين فرنانڊس تي سنگين الزام لڳايو آهي. اهلڪار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تھ جيڪولين جاچ دوران ثبوتن سان هٿ چراند جي بھ ڪوشش ڪئي آهي، جاچ ۾ بھ سهڪار نھ ڪري رهي آهي، ملڪ ڇڏڻ چاهي ٿي، نگراني سبب نھ وڃي سگهي آهي. جيڪولين فرنانڊس جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تھ سندس موڪلا کي جاچ ايجنسي پاران ڪوبھ ستاويز فراهم ناهي ڪيو ويو، جنهن تي عدالت اداڪارا کي دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button