پاڪستان

معيشت ٺيڪ ڪرڻ تائين چونڊن ۾ نه وينداسين:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جو نالو فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي ڳالهه جمهوريت جي ڪندو آهي پر سندس سوچ آمراڻي آهي، ڪنهن سرٽيفائيڊ چور کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران کي نااهلي جي سزا اچڻ خوشقسمت ڏينهن هو پر سندس نااهلي ڪا خوشي جي ڳالهه نه پر عبرت جو مقام آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن پاڪستان گري لسٽ ۾ آيو ته واپاري سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڏکيائيون ٿيون، اسان هاڻي ان ڏکئي وقت ۽ مصيبت مان نڪري آيا آهيون، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڪاميابي عطا ڪئي آهي، اها ڪاميابي پوري قوم جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي، گري لسٽ مان نڪرڻ منهنجي نه پر قوم جي اجتماعي ڪاميابي آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ حنا رباني کر سان گڏجي ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آرمي چيف قمر جاويد باجوا خاموشي ۽ سمجهه سان ڪردار نڀايو، قوم شاهد آهي ته اسان ايف اي ٽي ايف جي قانون سازي ۾ ڀرپور هٿ ونڊايو آهي، چيو ويندو هو ته اين آر او گهري رهيا آهن پر اسان صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. وزيراعظم چيو ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻا لڳندا رهيا، قوم کي ورهائڻ جي سازش ٿيندي رهي پر عمران خان ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل رهيو، هو چوندو رهيو ته جنهن کي ڪم ڪرڻو آهي ڪري، ڪورم پورو ٿئي ٿو يا نه، ان جي عمران نيازي کي ڪا پرواهه ناهي هوندي. ٻوڏ متاثرن بابت وزيراعظم چيو ته سياري جي موسم اچي رهي آهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي، ڇا اهو سڀ ڪجهه ڌرڻن، لانگ مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ سان ٿيندو؟ جلسن جلوسن، گارگند ۽ قوم کي ورهائڻ سان اسان جا مسئلا حل نه ٿيندا، اسان جا مسئلا گڏجي ڪم ڪرڻ سان حل ٿي سگهن ٿا، عام چونڊون اڃا 11 مهينا پري آهن، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ کانسوا اليڪشن ۾ وڃڻ جو اسان جو ڪو ارادو ناهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي شخص چوندو هو ته هي سڀ چور ۽ ڌاڙيل آهن ۽ مان انهن کي نه ڇڏيندس، چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو عمران خان خود تجويز ڪيو هو ۽ چوندو هو ته ڏاڍو ايماندار ماڻهو آهي، عمران خان خلاف ڪرپشن جي ڪيس ۾ فيصلو آيو، هن توشا خانا مان تحفا ڪڍي دبئي ۾ وڪرو ڪيا، جيڪڏهن پئسا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ها ته قوم ۽ مان کيس سلام پيش ڪريون ها. آرمي چيف بابت هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري هڪ آئيني معاملو آهي ۽ اهو حڪومت جو آئيني اختيار آهي، نالا ايندا ته حڪومت ڪو فيصلو ڪندي، جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي، اسان آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهي ڪم ڪندا رهنداسين، ملڪ جي بهتري لا هر ڪنهن جي در تي وڃڻ لا تيار آهيان، نواز شريف جڏهن وطن واپس ايندو ته مان پاڻ کيس ايئرپورٽ وٺڻ ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button