پاڪستان

آئين ٽوڙيندڙ جرنيل جي مذمت ڪريو، اداري جي نه:جسٽس فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان کي عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو جي ضرورت آهي، ملڪ مان جمهوريت کي نيڪالي ڏيڻ ان جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ برابر آهي، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ کپي ۽ فوج جي اداري بدران آئين ٽوڙيندڙ جرنيل جي مذمت ڪئي وڃي. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڀٽو جو ٽرائل ڪنهن فوجي عدالت نه پر سول ڪورٽ ڪيو هو، جنهن بئنچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو معاملو آيو، مان ان جو حصو هئس، آئون سڀني کان جونيئر جج ۽ اقليتي فيصلي جو حصو هئس. هن چيو ته پاڪستان کي جهموري انداز ۾ حاصل ڪيو ويو، ان تي پهريون حملو ان وقت ٿيو جڏهن آئين ٽوڙيو ويو، جهموريت تي پهريون حملو هڪ بيورو ڪريٽ غلام محمد ڪيو، مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي چئلينج ڪيو، جهموريت تي ٽيون وار ضيا الحق ڪيو هو، آئين کي ڦاڙيو ويو پر سندس خلاف درخواست کي شنوائي جوڳو قرار نه ڏنو ويو، چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، هڪ پگهاردار کي اختيار ڏيڻ وارا جج پاڻ به پگهاردار ملازم هئا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان کي عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو جي ضرورت آهي، ملڪ کي ايگزيڪيوٽو طور فوج جي حصي جي به ضرورت آهي، سڀ کان وڌيڪ عوام جي چونڊيل قيادت ذريعي حڪمراني جي گهرج آهي، ملڪ مان جهموريت کي ڪڍڻ ان جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ ۽ وطن دشمني آهي، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فرد جي ڪردار تي ڳالهائڻ گهرجي، اداري تي تنقيد نه ڪريو، آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪريو اداري جي نه، مون سميت سڀئي آئين جي آرٽيڪل 5 تحت قانون ۽ آئين جا پابند آهن، اسان کي عوام پگهار ڏيندو آهي ۽ انفرادي طور اسان جو احتساب ڪري سگهن ٿا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته هڪ وزيراعظم کي نااهل ڪيو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي هئي، مان فيصلي تي تبصرو نه ڪندس پر فيصلي ۾ لکيو ويو ته جيڪا پگهار وٺڻي هئي اوهان اها نه ٻڌائي، اوهان سچ نه ڳالهايو، اوهان سٺا مسلمان نه آهيو، پوءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي، جي ٽي آءِ جو لفظ پهريان نه ٻڌو هو. هن چيو ته مان ايگزيڪيوٽو ۾ جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي بليڪ لسٽ ۾ رکان ٿو، مان پاڪستان جي پهرين ۽ ٻئي آرمي چيف کي وائيٽ لسٽ ۾ رکان ٿو، ايوب خان پاڪستان جي آرمي چيف کان پلاٽ گهريو هو، پوءِ ان آرمي چيف کي هٽايو ويو، ائين پلاٽن جي سياست شروع ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button