پاڪستان

عمران خان ڪيترو به مقبول هجي پر آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي:احسن اقبال

رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف احتجاج ڪري پنهنجي ئي ليڊر عمران خان جي نظرئي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ٽي آ مرضي خلاف فيصلو اچڻ تي عدالتن جو رستو اختيار ڪري، قانون جي حڪمراني جو درس ڏيندڙ ليڊر جو چهرو سڀني جي سامهون اچي چڪو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان نئين پاڪستان جو نعرو لڳائي عوام کي دوکو ڏنو، هن پاڪستان ۾ آئين جي ريڊ لائين کي پار ڪيو ۽ توشا خانا ڪيس ۾ ملڪ جي وقار کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، مقبوليت باوجود عمران خان پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پختونخوا ۽ پنجاب جون اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪيون ڏئي رهي اهي، جيڪڏهن ايترو سنجيده آهن ته اڳتي اچن، پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين جي مشوري تي گورنر کي موڪلي ته اسان ڀليڪار ڪنداسين، عمران خان ڏاڍ ۽ طاقت سان پنهنجي حق ۾ فيصلو ڪرائڻ چاهي ٿو، عمران خان پنهنجي پارٽي لاءِ وڏو هوندو پر پاڪستان، عدالتن، پارليامينٽ ۽ پاڪستان جي قانون ۽ آئين کان وڏو ناهي، عمران جي ڌمڪين تي پاڪستان جو آئين تبديل نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن عمران خان قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button