اسلام آبادپاڪستان

سينيٽر اعظم سواتي جيل مان آزاد، تشدد خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽ تي گرفتار ٿيل تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي کي ضمانت منظور ٿيڻ بعد اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي پر عدالت طرفان پابندي لڳائڻ سبب هو پرڏيهه نه وڃي سگهندو. اعظم سواتي گرفتاري ۽ تشدد خلاف سپريم ڪورٽ سميت هر فورم سان رابطي جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد جي خصوصي ڪورٽ جي جج گذريل ڏينهن اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس 10 لک رپين جا ضمانتي مچڪلا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. اعظم سواتي کي ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ جي الزام ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. اسلام آباد جي عدالت اعظم سواتي جي ضمانت جي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي قلم تحت ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، ٽرائل ۾ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ بعد ثابت ٿيندو ته درخواستگذار جو ٽوئيٽ ڪرڻ جو مقصد ۽ ارادو ڇا هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button